اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪست??ن ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري اد??ڪار اسماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اسماعيل تارا جي گهروارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحيه اد??ڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو. هن پاڪستان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد?? ڪيو. پاڪست??ن ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي اد??ڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪست??ن ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سندس اد??ڪاري يادگار رهندي ۽ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.