ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي ??طح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اها ڳاهه هتي گورنر هائوس ?? فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت کي فخر آهي ته اقليتن جي مسئلن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. صدر کي ٻڌايو وي?? ته هن وقت ملڪ ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ تقريبن 19 ??زا?? وفاقي ملازم مختلف اسڪيلز تي مقرر آهن، هن اقليتي ملازمن کي اڳئين درجن ۾ وڌيڪ ترقين لاءِ تربيت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته سي ايس ايس جو خصوصي امتحان جلد منعقد ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ بلوچستان مان سيٽن جو بيڪ لاگ ڀري سگهجي. ان موقعي تي ايف پي ايس سي جي چيئرمين صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ايف پي ايس سي جي سالياني رپورٽ 2020ع به پيش ڪئي.