اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي دوري سان ??ير??ن ۽ سعودي عرب کان اسان جي اميدن کان وڌيڪ مثبت جواب مليو آهي، ??نهي ملڪن جي قيادت سان ملاقاتون ??نتهائي لاڀائتيون ??هيون، علائقي تي جنگ جا بادل ختم ٿي رهيا آهن، ??ير??ن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، سعودي عرب جي قيادت به ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارتي ڪوششن تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم ڪشمير مسئلي تي ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب ۽ ??ير??ن جا ٿورا مڃيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.