اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي سڄي ملڪ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ واري خواب جي تڪميل جو اڄ اهم ڏينهن آهي، 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽروي اي?? – 06 جي پيڙهه جي پٿر بعد پشاور ڪراچي موٽروي (پي ڪي اي??) جي آخري حصي جي تعمير بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري سان اي?? -06 کي تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اي?? – 06 کي 30 مهينن جي مختصر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل سان سڄي ملڪ جي عوام کي جديد، آرامده ۽ تيز ترين سفري سهولت م??ندي. ان کان علاوه ان موٽروي جي تعمير سان واپاري برادري کي پنهنجي سامان جي منتقلي ۾ پڻ آساني ٿيندي ?? وقت جي بچت ٿيندي، ان کان علاوه حادثن کان بچڻ کان علاوه جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي اي??دي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته بهترين شاهراهن جي تعمير سان ترقي جي قومي رفتا?? ۾ ??ضافو ٿيندو جنهن سان پاڪستان جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. منصوبي جي تڪميل سان ملڪ ۾ واپاري سرگرميون تيز ٿينديون، واپارين، صنعتڪارن ۽ هارين کي پنهنجي مصنوعات جي ترسيل ۾ آساني ٿيندي.