ڪراچي – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آه?? ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12500 خاندانن کي راشن بيگس، 1310 خيما، 800 مڇر دانيون ۽ 394 پلاسٽڪ ترپال فرا??م ڪيون ويون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيڪب آباد ۾ 2000 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح قمبر شهدادڪوٽ ۾ 4000، شهيد ??ينظير آباد جي 4000، نوشهروفيروز ۾ 1500 ۽ عمرڪوٽ جي 250 خاندانن کي راشن بيگس فرا??م ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1879095 خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين متاثرين کي 628786 خيما، 542830 پلاسٽڪ ترپال، 804811 ليٽر منرل واٽر، 182023 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيون شيون فرا??م ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وفاقي ح??ومت سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بينيفشريز کي رقمون منتقل ڪيون آهن. 20 آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 1815116بينيفشريز کي 45 ارب 37 ڪروڙ 79 لک رپيا ڏنا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۾ 792 ڄڻا فوت ??يا آهن ۽ 8422 ماڻهو زخمي ??يا آهن.