اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ايڊووڪيٽ جنرل (شرط ۽ ضابطا) ترميمي آرڊر 2022ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊر تحت ايڊووڪيٽ جنرل آفيس اسلام آباد ۾ لاء آفيسرن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. لاء آفيسر ايڊووڪيٽ جنرل کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ معاونت فراهم ڪندا. آفيسرن جي مقرري گهرو ۽ قان??ن ۽ انصاف واري ڊويزنن جي وچ ۾ مشاورت سان ڪئي ويندي. ترميمي آرڊر جي ذريعي 2015ع جي صد?? جي آرڊر نمبر هڪ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. صد?? ترميمي آرڊر جي منظوري وزيراعظم جي مشوري تي ڏني آهي.