اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 50 ملين ڊالر جي موجوده سطح کان وڌائي 150 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي مڪمل امڪانن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اها ڳالهه هنگري ۾ پاڪستان جي نامزد سفير آصف حسين ميمڻ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن هنگري ۽ پاڪستان جي نجي شعبن جي وچ ۾ زراعت، عمودي آبادگاري، روبوٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، واٽر مئنيجمينٽ، فلڊ واٽر مئنيجمينٽ، فصل جي انشورنس ۽ اعليٰ پيداوار رکندڙ ٻجن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ ممڪن گڏيل منصوبن جي لاءِ رابطا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هنگري سان تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. صد?? چيو ته هنگري پاران پاڪستاني شاگردن کي ڏني ويندڙ وظيفن جي مڪمل استعم??ل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنگري پاران مستقبل ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ 200 اسڪالرشپس جي ايوارڊ کي وڌائي 400 ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هنگري ۾ تعليم يافته ۽ تربيت يافته پاڪستاني انساني وسيلن کي واپس پاڪستان طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صد?? پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ هنگري جي حڪومت جي حمايت کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير پاڪستان جي حقيقي تشخص، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستاني قوم جي قربانين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف ٿيندڙ امتيازي سلوڪ، ڌمڪين ۽ تشدد کي پڻ اجاگر ڪري. صد?? چيو ته هندوتوا جي فلسفي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان سان مسلمانن جي جان ۽ مال خطري ۾ آهن.