نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف خيب??پخ??ونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي صورتح??ل ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز ش??يف کي نوشهره ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز ش??يف نوشهره ۾ م??دا?? پل تي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراع??م کي ڪابل درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتح??ل ۽ ريسڪيو جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.