اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي تي سنڌ صوبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ ا??لاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيندڙ انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو ??يف سيڪريٽري ?? ??يف انجينيئر سکر بيراج تي وزيراعظم کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي باري ?? تفصيلي بريفنگ ڏيندو.