سرينگر – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران 2019ع ۾ ان ڏينهن کڻندڙ ??ير??انوني قدمن جي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب مودي حڪومت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي ڪندي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي ??يث??ت ختم ڪري قبضي واري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪري و??تو هو. اڄ هي ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي گادي وارن شهرن ۾ عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ڇڪرائڻ جي لاءِ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينارز ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا پيا وڃن. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي گهر ۾ ??ير??انوني نظربندي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن، قابض انتظاميا مودي حڪومت پاران ڀارتي ۽ ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي ??يث??ت کي ختم ڪرائڻ کان هڪ ڏينهن 4 آگسٽ 2019ع تي ان کي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو.