اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ ت??وي??ي نمائش منعقد ڪئي ويندي، نمائش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا س??وس موجب پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران جاري هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو ??هي ته هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان پاڪستاني ڪميونٽي ۽ فرينڊز آف ڪ??مير کي نمائش ۾ شرڪت ۽ ڀارتي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي دعوت ڏني آهي. نمائش کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ ڪشمير جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.