اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کان مختلف هو، اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمب?? تي هو، اهو سڌوسنئون فراڊ هو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي ??دع??ل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اصل واڪ جي نتيجي ۾ اي آر وائي ٻئي نمب?? تي آيو، پي ٽي وي غيرقانوني طو?? تي اي آر وائي سان سودو ڪيو، ٻئي نمب?? تي اچڻ تي واڪ ۾ بهتري آڻڻ جي گهرج ڪئي وئي، ناڪامي تي اي آر وائي کي ٺيڪو ڏيڻ جي لاءِ معيار ئي تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته اي آر وائي جنهن معاهدي تي صحيحون ڪيون اهو واڪ واري ڪانٽريڪٽ کان مختلف هو، اهو سڌوسنئون فراڊ هو، توهان هينئر کان ئي گهٻرائي ڇو ويا آهيو؟