اسلام ??باد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلسطين جي حمايت ۾ ??اڪ??تاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، فلسطين تي ??اڪ??تان ??ي رياستي پاليسي واضح ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن تي ٻڌل آهي، ??اڪ??تان جي عوام ??ي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪا به پاليسي يا قدم نه ٿيندا، ??اڪ??تان فلسطين جو مسئلو ۽ اسرائيل بابت پنهن??ي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان عمل پيرا آهي، پرڏيهي وزارت واضح ڪري چڪي آهي ته ??اڪ??تان مان ڪو به وفد اسرائيل ناهي ويو. پنهنجي پاليسي بيان ۾ اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب فلسطينن جي خودمختياري واري حق جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته دنيا ٻن رياستي حل کي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن تصور ڪندي آهي، هن چيو ته 1967ع کان پهرين جي سرحدن، بيت المقدس، گادي وارو شهر ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ فلسطين رياست جو واعدو پورو ڪيو وڃي، اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته والاريل فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا پراڻا معاملا آهن، جنهن جو حل عالمي برادري جي ذميداري آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻي حل تائين دنيا ۾ پائيدار امن هڪ خواب ئي رهندو، هن چيو ته والاريل فلسطين ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ??ي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته سستي سياسي شهريت لاءِ هر منفي قدم کڻندڙ قومي مفاد جو ته خيال ڪن، دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي برطرف ۽ آف ايئر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل اينڪر پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.