اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف عوام کي عيدالفطر جو وڏو تحفو ڏيندي 30 اپريل تائين سمورن مسئلن جو خاتمو ڪري پهرين مئي کان ملڪ مان لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ڪرڻ جي ??دايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي ??ٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن جي ??شاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي ??دايت به ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ بجلي جي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي اعليٰ سطح جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو.
اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته شهباز شريف اسپيڊ تي عمل پيدا ٿيندي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان بند پيل 27 بج?? گهرن مان 20 کي فعال بڻايو ويو آهي. 20 بجلي ??هرن جي ??يهر هلڻ سان بجلي جي ??يداور ۾ اضافو ٿيو آهي، گذريل حڪومت چئن سالن ۾ بجلي ??هرن لاءِ ٻارڻ خريد نه ڪيو، موجوده حڪومت صرف ٻن هفتن ۾ نه رڳو ٻارڻ جو انتظام ڪيو پر انهن بجلي ??هرن کان بجلي جي ??يداوار وڌائي لوڊشيڊنگ جو خاتمو به ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ بجلي جي ??جموعي پيداوار تقريبن 18500 ميگاواٽ آهي، گهرج جي ??حاظ کان بجلي جو شارٽ فال 500 کان 2000 ميگاواٽ آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي حڪومت سنڀاليندي ئي بريفنگ ڏني وئي هئي ته 27 بجلي ??هر ٻارڻ نه هجڻ جي ڪري يا ٻين فني خرابين جي ڪري بند پيل آهن لوڊشيڊنگ جو وڏو سبب گذريل حڪومت جو بجلي ??هر هلائڻ لاءِ ٻارڻ جي ??قت سر فراهمي جو منصوبو نه هجڻ آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لوڊ شيڊنگ جي ??ين سببن ۾ ٻارڻ جي ??راهمي ۾ مسئلا، بجلي ??هرن جي ??قت سر مرمت ۽ سارسنڀال ۾ مجرماڻي غفلت آهي، وزيراعظم عهدو سنڀاليندي ئي فوري طور تي انهن بجلي ??هرن کي فعال بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، ان کانسواءِ وزيراعظم کي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ وڃن وارن فيڊرز جي حوالي سان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.
وزيراعظم 30 اپريل تائين سمورن مسئلن جو خاتمو ڪري پهرين مئي کان بجلي جي ??وڊشيڊنگ کي ختم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، عوام کي گرمين ۾ بجلي جي ??وڊشيڊنگ سان مشڪلاتن ۾ مبتلا نٿا ڪري سگهون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارڻ جي جامع ۽ مستقل نظام جي جوڙجڪ ۽ گرمين ۾ ايندڙ مهيني جي اڳواٽ منصوبابندي ڪريو. وزيراعظم نقصان ۾ ويندڙ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ??يڊرز جي خسارو ختم ڪرڻ جي ڊگهي مدي واري موثر منصوبابندي طلب ڪري ورتي. فصلن جي ڪٽائي دوران ڊيزل جي ??ٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ جي شڪايت تي وزيراعظم سخت نوٽيس وٺندي حڪم ڏنو ته هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن جي ??شاندهي ڪريو، فوري ۽ سخت ڪارروايئي ڪريو. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته آبادگارن کي زرعي مشينري هلائڻ لاءِ ڊيزل جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ضلعي انتظاميه يقيني بڻائي ته آبادگارن کي ڊيزل حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي ??شڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.