اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ سڄي دنيا جا مسلمان سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ اسلامو فوبيا جي تازن واقعن تي سخت ڏکويل آهن. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڏنو ت?? اها انهن واقعن جي مذمت ڪري ۽ اهڙي قس?? جي ڪڌن روين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم چيو ت?? اسان کي اسلامو فوبيا جي خلاف متحد ٿيڻو پوندو.