اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعود?? عرب جي سفير نو??ف بن سعيدالمالڪي ملاقات ڪئي ۽ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سعودي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجوده ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪ??و. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي شعبن ۾ سعود?? عرب سان تعاون جي فروغ تي زور ڏنو. ان کانسواءِ هن تعليم، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل ٻارڻ ۽ صاف توانائي جي فروغ لا??ِ سعود?? عرب جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪ??و.