اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهن??ي خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو جڏهن ته ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت کي سختي سان منهن ڏنو وي??دو، پاڪستاني قوم ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي سفر ۾ متحد بيٺل رهندي. پريڊ ايوينيو شڪر پڙيان ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته دشمن تي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان پنهن??ي خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو ڇو ته قوم ۽ ان جي هٿياربند فوج ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ تيار آهي. هن سال پاڪستان ڏاهڙي جي سالياني تقريب کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي ڇو ته 57 رڪني اسلامي تع??ون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن هٿياربند فوج جي پريڊ جو مظاهرو ڏٺو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان، ڪابينا جا ميمبر، پرڏيهي سفارتڪار، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن تي تع??يفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ جا توسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا جي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ ڳڻتي جو ??بب آهن. هن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ??ڪر ڪيو ۽ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڏنو ته اهي انساني حقن جي جاري خلاف ورزين کي روڪين. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ??ي خلاف ملڪ جي عزم جو ??ڪر ڪندي صدر چيو ته پاڪستاني قوم جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين سازشن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. هن نهنجي ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ تي ملڪ جي هٿياربند فوج ۽ قوم جي بهادري ۽ حوصلي کي ساراهيو. صدر چيو ته قوم ۽ سمورن رياستي ادارن ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ان قول کي سدائين نظر ۾ رکڻ گهرجي ته بطور قوم متحد ٿي بيهون ۽ پنهنجي صفن ۾ ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪريون. صدر پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي ڏينهن اهڙي طرح خاص آهي ته هي ملڪ جي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه جو موقعو آهي. هن انهن هم وطنن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو جن ملڪ ??ي خودمختياري لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ ان جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته هڪ مضبوط ۽ متحد قوم هجڻ جي ناطي اسان پنهنجي ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري کي بلند رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. پاڪستان جي ميزباني ۾ او آءِ سي جي 48 هين پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي مناسبت سان هن چيو ته باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان اسلامي ملڪن جي تنظيم جي مضبوطي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا کي فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن سميت ڪيترائي چئلينجز دپيش آهن جن جي فوري حل جي ضرورت آهي. هن سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪندي چيو ته اسلامي تع??ون تنظيم (او آءِ سي) ۽ پاڪستان ان ??ي خلاف ڀرپور ڪوششون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن پاران هڪ قرارداد منظور ٿي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو ته هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خاتمي جي ڏينهن طور ملهايو وي??دو ۽ چيو ته اهو قدم پوري دنيا ۾ مسلمانن ??ي خلاف نفرت کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو. افغانستان بابت هن چيو ته دنيا کي ان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي جتي افغاني بک ۽ غربت جي شڪل ۾ انساني بحران جو ??ڪار آهن. صدر چيو ته پاڪستان کي انتهاپسندي، عدم برداشت، جعلي خبرن ۽ عورتن جي ح قن کان انڪار جا چئلينجز درپيش آهن. معاشري جي سمورن طبق خاص طور تي عالم سڳورن، والدين، استادن ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته اهي ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميواري جو ??حساس ڪن. هن خانداني نظام کي قوم جي طاقت قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان سماجي ڍانچي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن ان يقين جو ??ظهار ڪيو ته قوم ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي سفر ۾ متحد بيٺل رهندي. هن چيو ته هي تقريب اسان جي قوم جي اتحاد، ترقي ۽ اسان جي فوجي طاقت جي عڪاس آهي.