اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سنڌ ??و آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪ??پٽ حڪمرانن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ اڄ ??و آبادگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪومت جي خلاف هو. فرخ حبيب ??لاول زرداري جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ ??و آبادگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي رهيو آهي ته ان جي ذميدار به پيپلزپارٽي ئي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر آبادگارن جي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو و??و. ??ن چيو ته سنڌ جا غريب ??بادگار ۽ هاري بلاول کان پڇي رهيا آهن ته ڪينال کان سڌو سنئون 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا ويا آهن، مملڪتي وزير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي، پرچي چيئرمين ٻڌائي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پاڻي چور ڪير آهن؟ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪ??ي بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻارا بنجر بڻجي ويا آهن ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻجي چڪو آهي.