لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورن?? وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي سا??اه??و. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون ف??اه?? ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنجاب جي گورن?? وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو برطانوي پارليامينٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور سا??اه??و آهي. گورن?? وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پارليامينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ سا??اه??و.