اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ متحده عرب امارات ??ي وچ ۾ گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل بهترين ڀائراڻا ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن، پاڪس??ان وچ اوڀر کي افغانس??ان ۽ وچ ايشيا سان ملائڻ لاءِ تيار آهي. متحده عرب امارات ??ي 50 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير پاڪستاني قيادت پاران متحده عرب امارت جي قيادت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته پاڪس??ان ۽ متحده عرب امارات ??ي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، متحده عرب امارات ??يڪي بي مثال ترقي جا مدارج طئي ڪيا آهن اهي متحده عرب امارات ??ي باني شيخ زايد بن سلطان النهيان جي دور انديش قيادت کانسواءِ ممڪن نه هئا، ان عظيم اڳواڻ کي پاڪس??ان سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. هن پاڪس??ان ۾ ڪيترن ئي سماجي ۽ اقتصادي منصوبن ۾ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ پاڪستاني ورڪرز کي متحده عرب اما??ات ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، هي پاڪستاني، پاڪس??ان ۽ متحده عرب امارات ??ي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪندو هو، متحده عرب اما??ات ۾ سندس جانشين اڳواڻ شيخ زيد جي طئي ڪيل اعليٰ معيارن جي پيروي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪس??ان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جي وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پاڪس??ان ۽ يو اي اي جي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا. وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن زيد النهيان جي بار بار ٿيندڙ دورن اسان جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه پيدا ڪئي آهي، اسان جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا به مضبوط ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اسان عالمي فورمن تي به گڏيل تعاون جاري رکيا آهن، اسان متحده عرب اما??ات کي 23 -2022ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊ ۽ ڪوپ 26 جي ميزباني تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، متحده عرب امارات ??ي فائونڊيشن جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اسان ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب انعقاد تي به مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هي وچ اوڀر، اتر آفريقا ۽ ڏکڻ ايشياخطي ۾ پهرين عالمي نمائش آهي، هن چيو ته پاڪس??ان ۽ متحده عرب امارات ??ي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفي لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهن ۽ مسلسل وڌي رهيا آهن، 8 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي گڏيل واپار سان متحده عرب اما??ات وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي خطي ۾ پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، ان جو شمار پاڪس??ان ?? سڀ کان وڏي غير ملڪي سيڙپڪارن ۾ ٿيندو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪس??ان اقتصادي راهداري جي مسلسل اڳڀرائي ۽ گوادر بندرگاهه جي آپريشنل ٿيڻ سان پاڪس??ان وچ اوڀر کي افغانس??ان ۽ ان کانپوءِ وچ ايشيا سان ملائڻ لاءِ تيار آهي، اسان جي خطن جي وچ ۾ بهتر رابطا اسان جي ماڻهن جي لاءِ ڪافي فائديمند ٿيندا.