اسلام آباد -19 سيپٽمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اليڪٽرانڪ ووٽر مشين (اي وي ايم) ذريعي چونڊون ڪرائڻ جو رستو ڏيکاريو ويو آهي. جمهوريت، پارليامينٽ جي وقار جي ??حالي ۽ غيرتڪراري چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي ??و ??ست??مال ڪرڻو پون??و. ??اضي ۾ چونڊن دوران تڪرارن سبب چونڊون غير مستحڪم رهيو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سياسي بحران رهيا. اليڪشن ڪميشن کي واضح ڪرڻو هوندو ته ان سلسلي ۾ سنجيده آهي ۽ هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وٽ وسيلا ه??ڻ سبب پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اي وي ايم پڻ هڪ سنجيده ڪوشش آهي. وزيراعظم عمران خان جنهن ماضي ۾ ڪرڪيٽ جي ??نياد ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اهڙي طرح وزيراعظم چونڊجڻ بعد اڃا تائين ڪو به تڪرار سامهون نه آيو ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيڪنالاجي ??و ??ست??مال ڪندي چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي ??جلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??والي سان جن پوائنٽس جي فهرست ڏني اهو مضحکه خيز هو ۽ اليڪشن ڪميشن جي پنهنجي ??لاف هڪ چارج شيٽ هئي. ڇاڪاڻ ته هن انهن ووٽنگ مشين جو جائزو ئي نه ورتو. فلپائين وانگر ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??ست??مال سان نه صرف تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي بلڪه صاف ۽ شفاف چونڊن جا نتيجا سامهون آيا آهن.