ڪراچي – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته سا??ونڊي آلودگي ۾ گهٽتائي بحري شعبي جي پائيداري لاءِ ضرور?? آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سا?? موثر ڪوششون ڪري رهيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي منعقد سيمينار کي اسلام آباد مان وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام ميري ٽائيم معاملن جي وزارت مقامي هوٽل ۾ ڪيو هو، صدر چيو ته پاڪستان سا??ونڊي وسيلن سا?? مالا مال آهي ان جون بندرگاهون ۽ شپ يارڊ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
صدر چيو ته بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي پاڪستان جي سا??ونڊي حدن ۽ ساحلي علائقن مان آلودگي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري ماهيگيري جي شعبي ۾ بهتري اچي ره?? آهي.
ا?? موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل خطاب ڪندي چ??و ته ميري ٽائيم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن پر بدقسمتي سا?? سيڙپڪار ان شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه نه آهن.
وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي چ??و ته ڪيترائي شعبا بليو اڪانومي سا?? ڳنڍيل آهن، اسان ماهيگرن جي ترقي لاءِ هڪ ڪامياب ماهيگير پروگرام شروع ڪيو آهي، انهن کي آسان قسطن ۾ قرض فراهم ڪرڻ گهرجي.