ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان بيت المال جي اهميت ۽ ڪارڪردگي اجاگر ڪر?? تي زور ڏنو آهي ته ??يئن وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان سلسلي ۾ عوامي آگاهي لاءِ خصوصي پروگرام جوڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ??بادي جو وڏو حصو بيت المال جي خدمتن بابت آگاهه نه آهي. اها ڳالهه هن مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال ملڪ ظهير عباس کوکر جي قيادت ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ ڊاڪٽر عدنان مج??د ۽ ٻيا به شامل هئا. صدر چيو ته ??ام طور تي اهو تاثر ڏٺو ويندو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ بيت المال جا فنڊز غريب ماڻهن جي علاج لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، هن چيو ته ??ن غلط فهمي کي ختم ڪر?? گهرجي ته ??يئن بيت المال جي فنڊن مان مستحقن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.