اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي مجموعي طور 32 سيڪڙو، مسلم ليگ (ن) 56 سيڪڙو جڏهن ته موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ 21 سيڪڙو قرض ورتو، حڪومت ساليانو 3 هزار ارب روپيا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڏئي رهي آهي. موجوده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ مان قرضن ت?? وياج جي ادائيگي ڪڍون ته حڪومت جو پرائمري بيلنس سرپلس ۾ آهي، يعني بجيٽ موجب حڪومتي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته 2008ع ۾ ٻاهريان قرض 46 بلين ڊالر هئا جيڪي 2013ع ت??ئي?? وڌي ڪري 60.09 ملين ڊالر هئا، پيپلزپارٽي جي دو?? ۾ ??اهرين قرضن ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2013ع کان 2018ع ت??ئي?? ملڪ جا ٻاهريان قرض 95.24 بلين ڊالر هئا، مسلم ليگ (ن) جي دو?? ۾ ??اهرين قرضن ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿيو، موجوده حڪومت مارچ 2021ع ت??ئي?? مجموعي قرضن جو 21 سيڪڙو قرض ورتو، موجوده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڀئي ڪاميابيون وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪر?? حاصل ٿيون آهن.