اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي ??عاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سماجي تحفظ جي ??راهمي ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي ??ستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر جي ??راهمي ضروري آهي، پاڪستان بيت المال ٻارن کا?? مشقت جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان بيت المال جي ??يڊڪوارٽرز ۾ جبري پورهيئي کا?? متاثر ٻارن جي بحالي لاءِ پاڪستان بيت المال پاران قائم ڪيل اسڪولن جي ??ارن ۾ اسڪول بيگز ۽ ٻيا تحفا ورهائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. اهي تحفا پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفارتخانن جي ??يڊ آف مشنز جي گهروارين جي گروپ ڏنا آهن. صدر جي گهرواريءَ تقريب جي انعقاد ۽ تحفن تي سفارتي ڪميونٽي جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انساني ڀلائي ۽ ترقي جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. هن چيو ته نوجوان نسل جو ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ پنهنجي ??ستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر جي ??راهمي ضروري آهي، تعليم هر ٻار جو حق آهي ۽ ان کي حق آهي ته هو پنهنجو ننڍپڻ ڀرپور انداز ۾ گذاري.