اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. پاور ڊويزن گردشي قرضن جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرضن ۾ اضافو روڪڻ لاءِ گردشي قرض جي انتظام و ا??صر??م جي منصوبي تي عملدرآمد جو آغاز ڪيو ويو آهي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي انفارم??شن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مو??صل??ت بجلي کان ميٽر ليس سمارٽ ميٽرنگ سسٽم جي باري ۾ پيش ڪيل تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪميٽي پاور ڊويزن ۽ آءِ ٽي اينڊ ٽيلي مو??صل??ت کي هدايت ڪئي ته هو تجويز ڪيل ڊزائين تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ۽ ڪميٽي کي گڏيل تجويزون پيش ڪن، پيٽرو??يم ڊويزن بلوچستان صوبي ۾ صنعتي گئس ڪنيڪشن جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي، ڪابينا ڪميٽي تجويز ڪيل ڪميٽي جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته ان جون سفارشون هڪ مهيني ۾ ڪميٽي کي پيش ڪيون وڃن.